ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌرتي ٽي وي جي اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي تي سموري سنڌ ثقافتي رنگن ۾رنڱجي وئي، مختلف شهرن ۾”سهپ ۽ رواداري واري سنڌ“ جي سري هيٺ ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، هر پاسي ثقافتي رنگن جي بهار، پڪن، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارڙن ڌرتيءَ سان عشق جي اظهار لاءِ ثقافتي ويس اوڍي ورتا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ريليون ۽ تقريبون منعقد، ثقافتي عيد جي مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٿيندي، ماڻهو پهچڻ شروع ٿي ويا، تقريب ۾ ناميارا فنڪار سرن جي ورکا ڪندا.