تازہ ترین

پاڪ فوج جو پرتشدد هجوم سان سڌو سنئون ٽڪراءُ ناهي ٿيو: وفاقي گھرو وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزارت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پاڪ فوج جو پرتشدد مظاهرين سان ڪو سڌو سنئون ٽڪراءُ ناهي ٿيو. گھرو وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 21 نومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي هرحال ۾ امن امان قائم رکڻ جي هدايت ڪئي، هاءِ ڪورٽ گھرو  وزير کي هدايت ڪئي ته هو امن امان بابت پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو ڪي. پڌرائيءَ موجب بيلاروس جي صدر ۽ اعليٰ سطح جي چيني وفد جي دوري کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ کي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ملتوي ڪرڻ جو چيو ويو، پي ٽي آءِ جي احتجاج جاري رکڻ جي ضد تي انهن کي سنگجاني جي هنڌ جي تجويز ڏني وئي. گھرو وزارت موجب غير معمولي مراعتن بشمول پارتي سربراهه سان ملاقات باوجود پي ٽي آءِ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي، مظاهرين سنگجاني بجاءِ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخل ٿي قانون جي ڀڃڪري ڪئي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پرتشدد مظاهرين پشاور کان ريڊ زون تائين مارچ دوران ڊيوٽيءَ تي مقرر اهلڪارن کي نشانو بڻايو، مظاهرين هٿيارن بشمول سلنگ شاٽس، اسٽن گرنيڊ، ڳوڙها آڻيندر گئس جا شيل ۽ ڪوڪن وارا ڏنڊا استعمال ڪيا، پرتشدد احتجاج ۾ خيبرپختون خوا حڪومت جي وسيلن جو ڀرپو استعمال ڪيو ويو. گھرو وزارت چيو ته سختگير 1500 ڏڦيڙي سڌو سنئون مفرور اشتهاري مراد سعيد جي ماتحت سرگرم هئا، جيڪو پاڻ به انهن سان گڏ هو. ان ميڙ حڪمت عمليءَ تحت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي حملو ڪيو، صوبائي سرڪاري مشينريءَ جي مدد سان روڊ تي بيهاريل رڪاوٽون هٽائي ڏڦيڙ ڦهلائيندڙن لاءِ رستو ٺاهيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پرتشدد مظاهرين سان انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو، اسلام آباد ۾ چيڪ پوسٽ تي ڊيوٽي تي مقرر 3 رينجرز اهلڪارن کي گاڏي چاڙهي شهيد ڪيو ويو، پرتشدد مظاهرين هڪ پوليس اهلڪار کي به شهيد ڪيو، ڏڦيڙ ڦهلائيندڙن هٿان 232 اهلڪار زخمي ٿيا، پرتشدد مظاهرين سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو ۽ پوليس جي ڪيترين ئي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. گھرو وزارت موجب آئين جي آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد ۾ پاڪ فوج کي مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد اهم جاين ۽ پرڏيهي سفارتڪارن جي حفاظت هئي، پاڪ فوج جي مقرريءَ جو مقصد دوري تي آيل اهم وفدن جي حفاظت يقنيي بڻائڻ هو، پوليس ۽ رينجرز ان پرتشدد هجوم کي منتشر ڪرڻ لاءِ هٿيار استعمال نه ڪيا، پاڪ فوج جو پرتشدد ميڙ سان سڌو سنئون ٽڪراءُ نه ٿيو، نه ئي فوج فساد روڪڻ تي مقرر هئي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com