اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، 21 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي، ايجنڊا ۾ بجلي ٺاهڻ واري 8 پاور پلانٽس جي ٽيرف جو نئين سر جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ سيڪريٽريز کي ٻاهرين ملڪن جي دورن دوران بزنس ڪلاس ۾ سفر جي اجازت بابت غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل 2024 جي منظُوري جو فيصلو ڪيو ويندو، اسلام آباد سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي منظوري جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي.