اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي ڀرسان سپيا برادري جا 2 نوجوان مبينا طور اغوا، نوجوانن جي موٽرسائيڪل ڪمند جي فصل مان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي، وارثن موجب اسلام ۽ محمد حنيف سپيو اوٻاوڙو شهر کان واپس گهر اچي رهيا هئا ته رستي تي سندن موبائل فون نمبر بند ٿي ويا ۽ هو گهر نه پهتا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.