ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سهپ ۽ رواداري واري سنڌ ڌرتي ٽي وي ۽ سوڀ ميڊيا گروپ جي سڏ تي سموري سنڌ جا ماڻهو ٻڌيءَ جي مالا ۾ پوئجي ويا، ڪروڙين سنڌي رستن تي اچي سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو، شهرن ۽ ڳوٺن توڙي واهڻ وستين ۾ سنڌي ثقافت جا انڊلٺي رنگ نروار ٿي پيا، سنڌي ويس وڳا، اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري ڌرتي ڌڻين جا ميلا، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين هر پاسي سنڌي ثقافتي رنگ نکري پيا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ ڌرتي ڌڻين جو سمونڊ اٿلي پيو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن جِي ثقافتي ويس وڳا پهري شرڪت، مشهور فنڪارن تاج مستاني، ارشد محمود، ديبا سحر، طفيل سنجراڻي، دعا ميمڻ، آصف سيال، فضا ماروي گروپ، مارول ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا ڪرڻ تي ماڻهو جهومندا رهيا، صوبائي راڄڌاني جا روڊ رستا ثقافتي ويس پهريل ماڻهن سان ڀرجي ويا.