اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کان استدعا ڪئي ته معاملو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو تيسيتائين اسان کي مهلت ڏني وڃي، جسٽس امين الدين خان چيو ته حڪومت جي هدايت اچڻ ڏيو، پوءِ هن معاملي کي ڏسنداسين.