راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، 28 سيپٽمبر جي وڌيڪ 4 ڪيسن ۾ کيس گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جاچ ٽيم اڳ ئي اڊيالا جيل ۾ موجود آهي. جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان پڻ آهي، جوابدارن جي اڊيالا جيل ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، 190 ملين پائونڊ ريفرنس ٻڌڻي به اڄ ٿيندي.