بنون (ويب ڊيسڪ) بنون جي علائقي جاني خيل ۾ مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا مارجي ويا، ٻارن کي مارٽر گولو ويجھي نالي مان مليو هو. جاني خيل ۾ 3 ٻارڙا نالي مان ملندڙ مارٽر گولي سان کيڏندي حادثي جو شڪار ٿي ويا. مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا موقعي تي ئي مارجي ويا آهن. ٻارن جي سڃاڻپ ذيشان، وهاب ۽ عالم زيب جي نالن سان ٿي، پوليس ذريعن موجب ٻارن کي مارٽر گولو ويجھي نالي مان مليو هو، ٽئي ٻارڙا مقامي دنيي مدرسي ۾ تعليم پرائيندڙ هئا.