تازہ ترین

عمر ايوب ۽ فيصل امين جي راهداري ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ فيصل امين جي راهداري ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت عمر ايوب ۽ فيصل امين جي 21 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت ڏئي ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ فيصل امين جي راهداريءَ وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس شڪيل احمد راهداري ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏنا ته ملڪ سلامت آهي ته اسان به آهيون، اوليت ملڪ هجڻ گھرجي، جيڪي مسئلا آهن انهن کي پارليامينٽ ۾ ويهي حل ڪريو، جڏهن ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿيندوآهي ته ملڪ کي نقصان پهچندو آهي. جسٽس شڪيل احمد چيو ته ”ڪو سيڪيورٽي وارو زخمي ٿئي ٿو ته اهو به هن ملڪ جو پٽ آهي، عمر ايوب صاحب! توهان مخالف ڌر اڳواڻ آهيو، توهان تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، حڪومت کي به ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي.“ جسٽس شڪيل احمد وڌيڪ رمارڪس ۾ چيو ته مسئلا ويهي حل ڪريو، ان ۾ سڀني جي بهتري آهي. ان موقعي تي عمر ايوب چيو ته مان مخالف ڌر جو ليڊر ۽ جڊيشل ڪميشن جو ڪارڪن آهيان، منهنجي خلاف تمام گھڻيون ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن، ايستائين جو موٽر سائيڪل چوريءَ جا 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com