ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ کي اڳ ئي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، مٿان وري برساتن وارو پاڻي به اسان جي کاتي ۾ وجهي حساب برابر ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار سنڌو درياءَ مان اضافي ڪئنالن خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وئي آهي، وڏي وزير ڪئنالن جي معاملي تي ٻه خط لکي چُڪو آهي، جيستائين ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي تيستائين ڪئنال جي ڪنهن نئين منصوبي تي ڪم نٿو ڪري سگھجي.