اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ فساد ۽ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي معيار جي فسادن جي خاتمي واري فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد م 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ لاءِ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير مشير ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات واري جاءِ تان هٿيار، ڪارتوسن جا خول ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن جڏهن ته سمورين شاهدين کي فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته واردات جي موقعي تي موجود فسادين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزيءَ سان مڪمل ڪيو پيو وڃي ۽ سڃاڻپ کان پوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪاررواتي جي اڳڀرائيءَ جو هفتيوار جائزو ورتو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڌرڻن ۾ قانون ٽوڙيندڙن ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن. شهباز شريف جو چوڻ هو ته بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دوري وقت وفاقي گاڌي واري شهر تي حملو ڪيو ويو جيڪو شديد شرمندگيءَ جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ دور جي تقاضائن موجب عالمي معيار جي انسداد فساد فورس جوڙي ويندي، اسلام آباد سيف ستي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي بين الاقوامي معيار تي آندو ويندو. ليب کي بين الاقوامي معيار تي آڻڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا ڪتب آندا ويندا.