اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سائيبر ڪرائيم ترميمي بل جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي تحت ڪوڙي خبر ڏيڻ واري کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي. خانگي خابرو اداري موجب سائيبر ڪرائيم ترميمي بل جو شروعاتي مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن تحت ڊجيٽيل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي کي سوشل ميڊيا تان مواد بلاڪ ڪرڻ يا هٽائڻ جو اختيار حاصل هوندو ۽ اٿارٽي قانون لاڳوڪندڙ ادارن يا ڪنهن شخص جي خلاف مواد هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري سگھي ٿي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙن سميت ٻين ادارن يا ڪنهن شخص جي خلاف خبر ڏيڻ ۽ دهشت ڦهلائڻ وارو مواد هٽائڻ تي اختيار رکندي، اٿارٽيءَ وٽ رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت ڦهلائڻ بابت مواد کي به هٽائڻ جو اختيار حاصل هوندو. ترميمي بل جي تحت ڪنهن شخص کي ڊيڄارڻ، ڪوڙو الزام لڳائڻ ۽ پوررنو گرافي بابت مواد کي به هٽايو ويندو جڏهن ته ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڄاڻ ڦهلائڻ، خوف ۽ حراس ۽ بدگماني پيدا ڪندڙن کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايوويندو. عملدارن موجب اٿارٽيءَ جو هڪ چيئرمين ۽ 6 ميمبر هوندا جڏهن ته اٿارٽيءَ جي فيصلي خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪري سگھبو.