اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف گئس جي قيمتن لاءِ حڪومت کي 15 فيبروري 2025ع جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي، آءِ ايم ايف حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 15 فيبروري تائين گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو وڃي، اوگرا گئس جي قيمتن ۾ واڌ بابت فيصلو اڃا تائين وفاقي حڪومت کي نه اماڻيو آهي، اوگرا جي تجويز ڪيل ٽيرف جي روشني ۾ وفاقي حڪومت آخري فيصلو ڪندي.