پنگريو (ويب ڊيسڪ) پنگريو ڀرسان زميني تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ روپاڙو ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جوڻيجا ۽ آرائين برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب خالد چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته جاويد جوڻيجو زخمي ٿي پيو، پوليس آرائين برادري جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.