نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کي والاريل علائقن مان نڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ٻه رياستي حل لاءِ جنرل اسيمبلي جون ۾ عالمي ڪانفرنس سڏائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ايوان 8 جي مقابلي ۾ 157 ووٽن تان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، آمريڪا ۽ اسرائيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي، 7 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.