اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان کي دنيا ۾ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ مختلف انٽرنيشنل لابيز کي ٽارگيٽ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ جي دشمني ڪنهن اداري يا سياسي جماعت سان نه پر ملڪ سان آهي، پاڪستاني ادارن خلاف پي ٽي آءِ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، تحريڪ انصاف ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي، اٽي، لٽي ۽ اجهي واري منشور تي عمل ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرايا پيا وڃن.