رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي، شهباز شريف ۽ محمد بن سلمان پاران لاڳاپن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي 6 مهينن دوران سعودي ولي عهد سان پنجين ملاقات ٿي آهي، ٻنهي اڳواڻن پاران اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان اچڻ جي دعوت قبولي ورتي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فرانسيسي صدر ميڪرون وچ ۾ به ون واٽر اجلاس جي موقعي تي ملاقات، وزيراعظم پاران رياض ۾ سمٽ جي ڪامياب ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن پاران صاف پاڻي جي شعبي ۾ رابطن ذريعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق، پاڪ_فرانس لاڳاپن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.