لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي ٽنهي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي صفيان مقيم ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل، ورلڊ لوڊ مئنيجمينٽ کي نظر ۾ رکندي شاهين شاهه آفريدي کي وائيٽ بال اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو، قومي ڪرڪيٽ ٽيم 10 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين 3 ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ مئچون کيڏندي.