ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارت ۾ صبح جو سوير 5.3 سختيءَ جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ڏکڻ ڀارت ۾ 20 سالن کان پوءِ اهڙي قسم جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ڏکڻ ڀارت جي شهر تلنگانه جي ضلعي مولوگ ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته روڊ تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرا پڻ لڏي رهي آهي، مسافرن پريشانيءَ هوندي به پنهنجو سفر جاري رکيو. ڇت تي لڳل پکو پڻ جھولي رهيو آهي، هن وقت تائين ڏکڻ ڀارت ۾ آيل زلزلي جي جھٽڪن بعد ڪنهن ماڻهوءَ جي موت يا زخمي ٿيڻ جي ڪا به رپورٽ ناهي.