اسلام آباد (ويب ديسڪ) اوهان کي امن امان بحال ڪرڻو هو پر اوهان ته سمورو اسلام آباد بند ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ غلط ڪيو ته حڪومت به غلط ئي ڪيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪومت ۽ انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار، اسلام آباد جي چيف جسٽس عامر فاروق 24 نومبر جي پي ٽي آءِ جي احتجاج خلاف اسلام آباد جي واپارين جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته پي ٽي آءِ کان به پڇاڻو ڪيو ويندو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي؟ عدالت گهرو وزارت کي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.