پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته صوبي جا رد ڪيل گروپ اي پي سي جي نالي تي گورنر هائوس ۾ گڏ ٿي رهيا آهن، اي پي سي سياسي پوائنٽ اسڪور ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ خلاف بيانيو جوڙڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ گورنر جو نه پر چونڊيل حڪومت جو مينڊيٽ آهي.