دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپئنز ترافي جي معاملي تي ڀارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پيش ڪيل فارمولا کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، ذريعن موجب ڊيڊ لاڪ اڃا تائين برقرار آهي جڏهن ته دبئيءَ ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي جي بورڊ ميٽنگ به ملتوي ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپئنز ٽرافي تي آءِ سي سي جو اجلاس هاڻي 7 ڊسمبر تي ٿيندو. ميٽنگ ان وقت ٿيندي جڏهن ڀارت پاڪستان جي موقف جو جواب ڏيندو، اڄوڪي ميٽنگ ڀارت جو جواب نه ملڻ جي ڪري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ملتوي ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بيءَ آءِ سي سي تي واضح ڪيو آهي ته هاڻي اجلاس ان وقت سڏائينداسين جڏهن فيصلو ڪرڻو هوندو، توهان پهريان ڀارت کان آخري جواب وٺو پوءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.