ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دهشتگردن کان شڪست کائيندڙ حڪومت خلاف وڙهي رهيا آهن، ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، ڪالهه گورنر ڪي پي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي جنھن ۾ پي ٽي آءِ شرڪت نه ڪئي، پي ٽي آءِ باني جي آزادي احتجاج ۽ وڳوڙن بدران عدالت ذريعي ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2015 کان ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڏکين حالتن ۾ به عدالتن کان ناهيون ڀڳا، آصف علي زرداري بنا ڪنهن ڏوهه جي 12 سال سزا ڪاٽي، ڪوڙا ڪيس ڪندڙ اڄ پاڻ ڪيس ڀوڳي رهيا آهن.