بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين، تائيوان کي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي 13 آمريڪي فوجي ڪمپنين ۽ انهن جي سربراهن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تائيوان کي هٿيار وڪرو ڪرڻ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳاڙهي لڪير ڪڍڻ برابر آهي، آمريڪي ڪمپنين ٽيلي ڊائن برائون انجنئيرنگ، برنڪ ڊرونز انڪارپوريشن، شيلڊ اي آءِ ۽ ٻين ڪمپنين تي پابندي لڳائي وئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب، پابندي مڙهيل ڪمپنين جي سربراهن جا اثاثا منجمد ڪري سندن چين ۾ اچڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.