اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني خلاف ملڪ ۾ داخل ڪيسن جو انگ وڌي 188 تي پهچي ويو، گهرو وزارت جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ باني خلاف پنجاب ۾ 99 ڪيس، ڪي پي ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ 76 ڪيس داخل آهن، ايف آءِ اي ۾ پي ٽي باني خلاف 7 ڪيس ۽ انڪوائريون التويٰ هيٺ، نيب ۾ 3 ڪيس التويٰ ۾ پيل آهن، پي ٽي آءِ باني تي آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر جي احتجاجن جا ڪيس به داخل آهن.