راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اوڻويهه سئو پنجهٺ ۽ 1971 جي جنگ ۾ دشمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندڙ شهيد شبير شريف جو اڄ 53هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، تقريب ۾ ميجر شهيد شبير شريف جي مزار تي گل رکيا ويا، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج پاران شهيد ميجر شبير شريف کي ڀيٽا پيش، شهيد ميجر شبير شريف اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو وڏو ڀاءُ ۽ شهيد ميجر عزيز ڀٽي جو ڀاڻيجو هو.