ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه جو صدر ۽ وزيراعظم کي سنڌ ۾ گئس جي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، سنڌ کي اوگرا ۾ نمائندگي ڏيڻ جي به گهر، سندس چوڻ آهي ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي، گئس جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ صوبي جو عوام گئس کان محروم آهي، سيارو شروع ٿيندي ئي گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي، گئس نه هجڻ جي ڪري اسڪولي ٻارڙا ناشتي کان سواءِ اسڪول وڃن ٿا، آرٽيڪل 158 تحت گئس جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي.