شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۽ بخشاپور ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، بخشاپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ڪنڌڪوٽ واسي علي رضا منگي قتل ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شڪارپور ۾ نيشنل هاءِ وي تان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، مقتول جي گلبهار پٽ مير هزار جکراڻي طور سڃاڻپ ٿي.