ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نارڪوٽڪس ڪنٽرول آپريشنز لاءِ جديد سامان خريد ڪرڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ايڪسائيز کاتي جو اجلاس ٿيو، چيف سيڪريٽري پاران موٽر وھيڪل ٽيڪس کي ٽيڪنالاجي ذريعي وڌيڪ سولو ۽ شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، آصف حيدر شاهه جو چوڻ هو ته عوامي سهولت ۽ شفافيت لاءِ موٽر وھيڪل ٽئڪس ۾ انساني مداخلت گهٽ ڪئي وڃي.