راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي تي بشريٰ بي بي اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿي، گرفتاري وارنٽ برقرار، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا اڍيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جوابدارن طرفان اڄ به سوالنامن تي جواب جمع نه ڪرايا ويا، عدالت گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم، ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي.