پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ سروس جي سست رفتاري تي گهرو وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت کان جواب گهُري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته انٽرنيٽ سست هئڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، جسٽس وقار احمد سوال ڪيو ته ڇا اوهان جو مطلب آهي ته حڪومت نه مڃي رهي آهي ته انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ آهي؟ وڪيل چيو ته احتجاج وقت وفاقي حڪومت انٽرنيٽ جي رفتار گهٽائي ڇڏيندي آهي ۽ آگاهه به ڪندي آهي.