اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اهم ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا، عام چونڊن ۾ مبينا طور ڌانڌلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي، فوجي عدالتن بابت انٽرا ڪورٽ اپيلون به 9 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر، سانحي 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تي ٿيندي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس خلاف درخواستون به آئيني بينچ ۾ مقرر، ٻڌڻي 12 ڊسمبر تي ٿيندي، فون ٽيپنگ جو 18 سال پراڻو ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر.