ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته ڪاروباري ماڻهن جا جيڪي به مسئلا آهن، انهن کي حل ڪنداسين، سنڌ حڪومت واپاري برادري جي تجويزن کي سنجيدگي سان ورتو آهي، صدر آصف زرداري به واپاري برادري کي وڏي اهميت ڏيندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري سان واپارين ۽ صنعتڪارن جي ملاقات ڪرائيندس، سنڌ حڪومت جو سمورو ڌيان نيون صنعتون لڳائڻ تي آهي،75 سيڪڙو واپاري ملڪ کي هلائي رهيا آهن، سنڌ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جون ڪاٽي ۾ تقريب کي خطاب، سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، شهر هاڻ هڙتالن، ڀڃ ڊاهه ۽ ڀتاخوري کان پاڪ ٿي ويو آهي، جلد روڊن تي ڊبل ڊيڪرز بسون هلنديون، بنا رجسٽريشن جي گاڏي کي روڊ تي نه آندو وڃي، گاڏين جي فٽنيس چيڪنگ سختي سان ڪئي ويندي.