چلي (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) هڪ وهيل مڇيءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار هڪ شخص کي ڳهي وئي.
هي واقعو چليءَ جي علائقي پيٽاگونيا جي ڪناري واري علائقي ۾ پيش آيو جتي اهو شخص هڪ ننڍڙي بوٽ ۾ سامونڊي لهرن جو مزو وٺي رهيو هو.
اوچتو هڪ همپ بيڪ وهيل مڇيءَ ان شخص کي جيئرو ڳهي وئي پر وهيل مڇيءَ فورن ئي ان شخص کي خوراڪ نه هجڻ سبب وات مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان شخص جي جان بچي وئي ۽ اهو واقعو ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن آرين سمنڪاس پنهنجي پيءُ سان سمنڊ جي ڪناري ڪناري سامونڊي لهرن جو مزو وٺي رهيو هو ته اوچتو هڪ وڏي وهيل مڇي ڪناري تي ظاهر ٿي ۽ ان شخص کي جيئرو ڳهي وئي.
ان وهيل مڇيءَ ان شخص کي ڪجھه سيڪنڊن جي لاءِ وات ۾ رکيو ۽ کاڌو نه هجڻ جي تصديق ٿيڻ بعد ان کي وري ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.
ان شخص جو والد ويجھو هڪ ٻئي ٻيڙيءَ تي سوار هو جنهن ان گھڙيءَ کي ڪئميرا جي اک ۾ ڪيچ ڪري ورتو.