لاهور (نيشنل ڊيسڪ) نواز ليگ جي صدر ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي معيشيت بهتر ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
الله تعاليٰ شيون آسان ڪري پيو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي، اميد ته وڌيڪ گهٽ ٿيندي، ترقي جو تسلسل نه ٽٽي ها ته ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ تمام گهڻو اڳتي هجي ها.