راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) چئمپينز ٽرافي مان ٻاهر ٿيندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ بنگلاديش سان مقابلو ڪندي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٻنهي ٽيمن جي اڄ ايونٽ ۾ آخري ميچ هوندي، ٻئي ٽيمون سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.
دفاعي چيمپئن هوندي پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ نيوزيلينڊ هٿان هارائي هئي، ٻي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏني هئي.
بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم به پنهنجون ٻئي ليگ ميچون هارائي اڳ ئي ٽورنامينٽ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي.