قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ۾ ڦورن هٿان قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال.
ذيشان جتڪ جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي هڙتال سبب نرولي بازار، اناج منڊي، ريشم گهٽي، سونارا بازار سميت مختلف ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 36 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ذيشان جتڪ جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.
اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته بنادير نوجوان جي قتل جي جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.