اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خراب موسم سبب اڏامون سخت متاثر، مٿانهن علائقن لاءِ اڄ به 6 اڏامون ملتوي.
مختلف سببن جي ڪري اسلام آباد، گلگت بلتستان جون 4 اڏامون ملتوي، اسلام آباد اسڪرود لاءِ قومي ايئرلائنز جون 2 اڏامون ملتوي ڪيون ويون.
ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، فيصل آباد جون 16 اڏامون دير جو شڪار، اسلام آباد، پشاور، فيصل آباد، ملتان، لاهور ايئرپورٽ تي ڪوهيڙو.
ڏسڻ جي حد انتهائي گهٽجي وئي، ڪراچي ۾ به جهڙيالي موسم سبب اڏامون متاثر آهن.