تازہ ترین

مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪانفرنس روڪڻ لاءِ هوٽل بند، اڳواڻ گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪانفرنس روڪڻ جي لاءِ انتظاميه هوٽل بند ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اڳواڻ گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل ٿي ويا.

مخالف ڌر پارٽين جي ڪانفرنس اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيڻي هئي پر انتطاميه ان کان اڳ ئي هوٽل کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو.

هوٽل جي گيٽ تي موجود پوليس اهلڪارن مخالف ڌر اڳواڻن کي چيو ته هتي ڪا به ڪانفرنس نه ٿيندي.

انتظاميه طرفان اجازت نه ملڻ کان پوءِ مخالف ڌر پارتين جي اڳواڻن گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل ٿي ويا ۽ هوٽل جو مرڪزي دروازو کولي ڇڏيو.

مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، شاهد خاقان عباسي، صاحبزاده حامد رضا ۽ سلمان اڪرم راجا هوٽل ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

بعد ۾ مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن هوٽل جي لابيءَ ۾ ئي ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته پوليس اهلڪارن ۽ ايف سي جا دستا هوٽل جي ٻاهران موجود هئا.

مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت ڪانفرنس ملتوي ڪرائڻ لاءِ هڙئي هيلا هلائي رهي آهي پر فيصلو ڪيو آهي ته اڄ ڪانفرنس ضرور ٿيندي.

بدنصيبي آهي ته جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙ جمهوريت کان ڊنل آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com