ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف موري ۽ ٽنڊي آدم ۾ شٽربند هڙتال.
جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي موري ۾ شاھي بازار، ريشم بازار، مين روڊ، درس روڊ، دادو روڊ تي ڪاروبار بند رکيو ويو.شھر ۾ پوليس اٽالا مقرر.
ٽنڊي آدم ۾ مک بازار شاھي بازار، ايم اي جناح روڊ، بمبئي بازار، کجي بازار، لطيف گيٽ، سچل سرمست روڊ ۽ اسٽيشن چوڪ سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز بند، روڊن تي ٽرئفڪ پڻ معمول کان گھٽ رهي.