تازہ ترین

مصطفيٰ عامر قتل ڪيس: ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدارن ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن جي ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جڏهن ته جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جنهن ڇوڪريءَ تي تشدد ڪيو هو ان کي ڳوليو ويو آهي، اڄ ڇوڪريءَ جو بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي، شاهدن جا 164 جا بيان قلم بند ڪرڻا آهن.

جوابدار جي وڪيل پوليس جي جسماني رمانڊ جي مخالف ڪئي، ان موقعي تي جوابدار ارمغان جو چوڻ هو ته مون کي اذيت ۾ رکيو پيو وڃي، کاڌو نٿو ڏنو وڃي ۽ 10 ڏينهن کان واش روم وڃڻ بند ڪيو ويو آهي.

عدالتن جوابدار ارمغان کي چيو ته اهو ممڪن ناهي، 10 ڏينهن باٿروم نه وڃي ها ته هتي بيٺل نظر نه اچي ها.

مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف کي وزيراعليٰ هائوس طلب ڪيو ويو.

اجلاس ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com