تازہ ترین

منشيات صرف سنڌ جو نه پر پوري ملڪ جو وڏو مسئلو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو اهي ته سنڌ ڪابينا وڌيڪ بسز ۽ ڊبل ڊيڪر بسز جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سنڌ ڪابينا اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪابينا ڊائو ميڊيڪل سائنس فائونڊيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ حڪومت پاران بسون خريد ڪرڻ لاءِ وفاق کي فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو  ڪيو آهي، وزيراعظم ڪراچي لاءِ 180 بسون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هڪ بس ناهي ملي.

هن چيو ته  بسن واري معاملي تي وزيراعظم شهبازشريف کي خط لکنداسين، وزيراعظم کي درخواست ڪنداسين ته واعدي مطابق 180 بسون فراهم ڪن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز مفت ۾ ڏيندي، مفت اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ لاءِ قرعه اندازي هر مهيني ٿيندي.

عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي سروس به شروع ڪري رهيا آهيون، ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان وڌيڪ اڍائي لک گهرن کي سولر پليٽس فراهم ڪنداسين.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪنداسين، نمبر پليٽس جي نيلامي واري رقم سنڌ حڪومت حوالي ڪئي پئي وڃي.

هاڻ سنڌ ۾ سموريون گاڏيون هڪ طريقي سان رجسٽرڊ ٿينديون، فاروق ستار ۽ سندس پارٽي جو هن وقت ڪو به وجود ناهي.

هن چيو ته فاروق ستار جي سياست ختم ٿي چڪي، فاروق ستار کي ڳالهائڻ ڏيو، جيڪو به ڳالهائڻ چاهي ٿو.هي چاهين ٿا ته لساني جهيڙا ٿين ۽ سندن ووٽ بينڪ وڌي.

وڏي وزيرجي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪياويا آهن، سنڌ ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائينداسين.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ نيون اليڪٽرڪ بسون آنديون وينديون، عوام جي خدمت جاري رهندي، ميهڙ ۾ نوجوانن کي هنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ ادارو قائم ڪنداسين.

سنڌ حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت هر کاتي ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ڪجهه ڏينهن اندر سال جي ڪارڪردگي ٻڌائينداسين.

سنيئير صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به وائٽ پيپر کان ڊنل ناهي، منشيات جا عادي ٻار پنهنجي والدين کي بخش ناهن ڪندا.

نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ منشيات جي روڪٿام ضروري آهي، والدين کي اپيل آهي ته پنهنجي اولاد کي منشيات کان بچائن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com