اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) لبيا ٻيڙي حادثي ۾ مارجي ويندڙ 6 پاڪستانين جا لاش پاڪستان پهچايا ويا.
هائوسنگ اينڊ ورڪس کاتي جي وفاقي وزير رياض حسن پيرزادي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پاڪستانين جا لاش وصول ڪرڻ کان پوءِ ميت پشاور روانا ڪيا.
پوليس عملدارن موجب لبيا ٻيڙي حادثي ۾ مارجي ويندڙن جو تعلق ڪرم سان هو جڏهن ته حادثي ۾ خيبرپختون خوا جا 16 ماڻهو به شامل هئا.