اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ تحريڪ انصاف جي 9 مئي واقعن لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي.
وڪيل حامد خان چيو ته 9 مئي واقعي تي جڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت جڊيشل ڪميشن جوڙيون؟ اوهان درخواست ۾ لکيو ته 9 مئي تي درجنين ماڻهو مارجي ويا، ڪنهن جي ڊيٽا سرٽيفڪيٽ درخواست سان گڏ نه لڳائي وئي.
وڪيل حامد خان چيو ته انڪوائري جڊيشل ڪميشن ڪندي ته موتن جو پتو پوندو.
جسٽس حسن اظهر رضوي ڳالهائيندي چيو ته هڪ سرٽيفڪيٽ يا ايف آءِ آر جي ڪاپي ته لڳائي سگهو پيا.