اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو جا 2 نوان ڪيس سامهون اچي ويا.
سنڌ جي قمبر ۽ پنجاب جي منڊي بهاءُ الدين ۾ پوليو ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي.
هلندڙ سال سنڌ ۾ ٽيون ۽ پنجاب ۾ پهريون پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي.
سموري ملڪ ۾ ٻن مهينن ۾ 5 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.