ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت آءِ سي يُو مان نڪري بحال ٿي رهي آهي.
ملڪي حالتون بهتر آهن، سياسي استحڪام به بهتر ٿي رهيو آهي، گڏجي ڪوششون ڪريون ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي سگهون ٿا.
سنڌ جي سينيئر شرجيل انعام ميمڻ جو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چاهيون ٿا ته حڪومتون ۽ سيڙپڪار گڏجي ڪم ڪن ته جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اِي ڪامرس جي گهڻي ضرورت آهي، هڪ سال ۾ اسٽاڪ اسٽاڪ ۾ 86 سيڪڙو گروٿ ٿي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، وڏي انگ ۾ چيني سيڙپڪار اچي رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ٽرانسپورٽ شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ متعارف ڪرائي پئي وڃي، وزيراعظم به سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي واکاڻ ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ وافر مقدار ۾ موجود آهي، خوراڪ کاتي ۾ فيوميڪيشن جو عمل جاري آهي.