ڍورونارو (ويب ڊيسڪ) ڍوري ناري ويجھو زال ۽ مڙس جا مبينا طور ڦاھو لڳل لاش هٿ آيا.
ڳوٺ گل بيگ راڄڙ ۾ ڀيمون ڪولھي ۽ سندس زال عميان ڪولھي جا وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليا.
ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن ڏيپلو جي ولاسائي پاڙي ۾ نوجوان محبت ميگهواڙ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.