لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو حڪومتي دور مختلف اسڪينڊلز سان ڀريل رهيو آهي.
پي ٽي آءِ جي دور ۾ پئسا وٺي مقرريون ۽ بدليون ڪيون وينديون هيون، پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ڪجهه ماڻهن کي هضم نه پئي ٿئي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ سال دوران پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي مثالي رهي.
مريم نواز پنجاب جي عوام جي فلاح لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا، پي ٽي آءِ طرفان هڪ طرفي ۽ بي بنياد واويلا ڪئي پئي وڃي.