پشاور (نيشنل ڊيسڪ) رمضان شريف جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.
اوقاف کاتي موجب رمضان شريف 1446 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير جي صدارت هيٺ پشاور ۾ ٿيندو.
زونل ڪاميٽين جا اجلاس ڪراچي، ڪوئيٽا، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين علائقن ۾ به ٿيندا، چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت قطعي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ڪندي.