تازہ ترین

نوشهره: مدرسه حقانيه ۾ آپگھاتي بم ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق سميت 5 نمازي شهيد، 20 زخمي

نوشهره (نيشنل ڊيسڪ) خيبرپختون خوا جي شهر نوشهره جي دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي جامع مسجد ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا حامد الحق سميت 5نمازي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 20 نمازي زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو 1122 موجب حقانيه مدرسه اڪوڙه خٽڪ ۾ ڌماڪي جي اطلاع تي ريسڪيو ڪنٽرول روم کي مليو، اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمن جون 6 ايمبولينسون ۽ ميڊيڪل ۽ فائر برگيڊ ٽيمون موقعي تي روانيون ڪيون ويون.

ريسڪيو ذريعن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

آءِ جي خيبرپختون خوا ذوالفقار حميد چيو ته حملو ٽارگيٽيڊ هو جنهن ۾ 5 نمازي شهيد ٿي ويا، حملي ۾ مولانا حامد الحق کي نشانو بڻايو ويو.

ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گھيري ۾آڻي ڇڏيو، جڏهن ته ڊي پي او نوشهره عبدالرشيد موجب ڌماڪو آپگھاتي هو.

پوليس موجب ڌماڪو جمعي جي نماز جي ادائيگي دوران مسجد جي مرڪزي هال ۾ ڪيو ويو.

ڌماڪي کان پوءِ نوشهره جي سمورين اسپتالن کان سواءِ پشاور جي ٽن وڏين اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

نوشهره ڌماڪي جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، وفاقي گھرو وزيرمحسن نقوي، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي .

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com